اسلم تنيو

اسلم تنيو

اسلم تنيو

اسلم تنيو: مشھور گلوڪار محمد اسلم ولد شاهه مراد خان تنيو پھرين اپريل 1959ع تي ڳوٺ پير علي اصحابو، تعلقي نصيرآباد، ضلعي قمبر شھداد ڪوٽ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ۽ ايم.اي (اقتصاديات) جي ڊگري سچل ڪاليج لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. ڪجهه وقت سرڪاري نوڪري ڪرڻ کان پوءِ هن پنھنجو ذاتي ڪاروبار به ڪيو. ڳائڻ جي شوق سبب انهيءَ فن جي سکيا استاد انور علي خان سانگيءَ کان حاصل ڪئي. ھن جون لڳ ڀڳ 30 ڪئسٽون منظر عام تي آيون آھن. لنڊن ۽ دبئيءَ ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي. 2001ع ۾لاڙڪاڻو ڇڏي ڪراچيءَ ۾ اچي رھيو، جتي ڪي.ٽي.اين جي موسيقيءَ واري شعبي جو انچارج ٿي رھيو. اڳتي ھلي ھن پنھنجي دوست ڊاڪٽر ڪريم راڄپر ۽ اجيت ڪمار آھوجا کي سنڌ ٽي.وي چئنل شروع ڪرڻ جي صلاح ڏني. ڪراچيءَ ۾ پنھنجي وڏي نياڻي برکا جي نالي آڊيو ڪمپني”برکا انٽرپرائيزز“ جو بنياد وڌو. ھن 1991ع ۾ ساجده سان شادي ڪئي، جنھن مان کيس ٻن نياڻين: برکا، روماسا ۽ ھڪ پٽ فراز حيدر جو اولاد آھي. اسلم تنيو ھن وقت ڪراچي ۾ رھائش پذير آھي.


لفظ اسلم تنيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.04.01  عيسوي

مشھور گلوڪار محمد اسلم ولد شاهه مراد خان تنيو پھرين اپريل 1959ع تي ڳوٺ پير علي اصحابو، تعلقي نصيرآباد، ضلعي قمبر شھداد ڪوٽ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابل فقير مهڪاڻي
جمعو خان غريب
هما مير
پير محمد لکوي
ترخان مرزا محمد باقي بيگ
ڄام نظام الدين جو مقبرو
باغ محمد بيشڪ جوکيو
صبا قمر
ٿامس ايڇ ويلر
حاجي خان خشڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون